حسن عسڪري عليه السلام

حسن عسڪري عليه السلام

حسن عسڪري عليه السلام

حسن عسڪري عليه السلام: حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام، اهل تشيع جو يارهون امام، 10 ربيع الثاني 232 هه/ 4 ڊسمبر 846ع تي مديني ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو حسن، ڪنيت ابو محمد ۽ لقب الصامت، الزڪي، الخالص، التقي، الرفيق ۽ هادي هئا، پر سندن سڀ کان مشهور لقب عسڪري هو. سندن نسب نامو هن ريت آهي: ابو محمد حسن عسڪري بن امام علي نقيعه بن محمد تقيعه بن علي الرضاعه بن موسيٰ الڪاظمعه بن جعفر صادق عه بن محمد باقرعه بن علي زين العابدينعه بن سيد الشهدا امام حسينعه بن امير المومنين علي ابن ابيطالب عليهم السلام.
امام حسن عسڪري عه جي والده جو نالو حُدَيث هو. هڪ روايت مطابق کين ’سليل‘ ۽ جده به ڪوٺيو ويندو هو. (ڪتاب: ’مُنتهيٰ الآمال‘، شيخ عباس قمي). حضرت امام حسن عسڪريعه پنهنجي زندگيءَ جا ٻاويهه سال پنهنجي والد جي ترتيب هيٺ گذاريا. معنوي فضل ۽ ڪمالات ۾ سروَرِ ڪائنات صه جهڙو هو، جنهنڪري دوستن توڙي دشمنن جي زبان تي سندن ساراهه هوندي هئي. هن پنهنجي زندگي خدا جي عبادت ۾ بسر ڪئي. 254هه/ 868ع ۾ منصب امامت سنڀاليو. سندس امامت جو عرصو 6 سال رهيو، جنهن ۾ ٽي عباسي خليفا معتز، مهتدي ۽ معتمد سندس همعصر هئا. امام حسن عسڪريعه پنهنجي سڄي زندگي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ڏسيل واٽ ۾ گذاري. امام حسن عسڪريعه جي زندگيءَ ۽ مجاهدن جا واقعا، ’بحار الانوار‘، ’منتهي الآمال‘، ’اصول ڪافي‘، ’ڪشف الغمه‘، ’مصباح ڪفعمي‘، ’اقبال الاعمال‘، ’ارشاد مفيد‘، ’اعلام الوريٰ‘، ’فصول المهمته“، ’سفينته البحار‘ ۽ ٻين مستند ڪتابن ۾ قلمبند آهن. روايت آهي ته عباسي خليفي معتمد، حضرت امام حسن عسڪريعه کي قيد ڪرايو ۽ اتـي ســندس نگـهـداشـت لاءِ عـلـي بـن حـزين کي مقرر ڪيو. معتمد کانئس امام حسن عسڪري عه جو احوال وقت به وقت پڇندو رهندو هو ۽ علي بن حزين هميشه کيس اهو جواب ڏيندو هو ته اُمام حسن عسڪريعه ڏينهن جو روزو رکندو آهي ۽ سڄي رات خدا جي عبادت ۾ مشغول هوندو آهي.
امام حسن عسڪريعه جي زندگيءَ جو گهڻو دؤر خليفي معتمد جي قيد ۾ گذريو، ان هوندي به علم پروري جاري رکيائين. علمي بحث، مناظرا، بيان، علمي خطن ۽ تاليف جي سلسلي کي جاري رکيائين. سندس قرآن پاڪ جو تفسير، ’تفيسر حسن عسڪري‘ جي نالي سان مقبول عام آهي. ابن بابويه ۽ ٻين عالمن لکيو آهي ته امام حسين عسڪريعه جي پيروڪارن جو تعداد وڌنڌو ڏسي متعمد گهٻرائجي ويو ۽ هن وڏي سازش سان زهر ڏيارائي ڇڏيو، جنهنڪري 8 ربيع الاول 260هه/ پهرين جنوري 874ع تي 27 سالن جي عمر ۾ رحلت ڪيائين. کيس غسل ۽ ڪفن سندس فرزند حضرت قائم آل محمدعه ڏئي جنازي نماز پڙهائي ۽ سامره ۾ دفن ڪيو. (ماخذ: (1) منتهي الآمال، (2) ڪشفي الغمه).


لفظ حسن عسڪري عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0232.06.10  هجري

حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام، اهل تشيع جو يارهون امام، 10 ربيع الثاني 232 هه/ 4 ڊسمبر 846ع تي مديني ۾ پيدا ٿيو.


0260.03.08  هجري

8 ربيع الاول 260هه/ پهرين جنوري 874ع تي 27 سالن جي عمر ۾ رحلت ڪيائين.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خيرالدين شاهه بغدادي
عباس بن عبدالمطلب رضي الله عنه
حسن عسڪري عليه السلام
امام حسن عليه السلام
خواجه عبدالحئي نقشبندي
امين شاهه چشتي
حسني قادري علي اصغر شاهه جيلاني
عبدالله بن زيد بن عبدالله رضه
صهيب رضه بن سنان
خواجه محمد زمان ٻيو
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون